Chango Bhittai Aaon Halan Tho | Sadiq Faqeer | Shaikh Ayaz
Haqeeqi Ishq Haqeeqi Ishq
775 subscribers
150 views
0

 Published On Jan 6, 2023

Sindhi songs

Artist: Sadiq Faqeer
Poet: Shaikh Ayaz
Dedicated: Shah Abdul Latif Bhittai
All rights reserved

Full Lyrics;

چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو-
شيخ اياز

مان تنهنجو احسان وساريان،
سو ناممڪن آهي سائين!
تون ت اڳي جو آڌر آهين
رهندي تنهنجي سار سدائين
ساحل تي بيهوش هيس مان
مون کي لهرون لوڙهي آيون
جي مون سان تنهن وقت ڪيئه سي
ڪيئن ڀلايان ائون ڀلايون!
تو مونکي ٻي جندڙي بخشي


ساه وڌو تو سرت ڏني تو
مون سان ساريون راتيون جاڳي
ڏيکاري آ ڀيڄ ڀني تو
پر هاڻي ڏس هو وانئٽيون
جن ۾ ڪو سپنو سرجهي ٿو
گهنگهوڙ گهٽائون ڀرجن ٿيون
پر شور سمندر گرجي ٿو
هو ڇاتي ڇولي ڇولي جي
هو لوليون لهر هندوري ۾ !
پر ڇا ڇا تارن تڙڪا ها
هن ڪنڌي هيٺيان ڍوري ۾!


۽ ڇا ڇا وينجهر واءُ جڙيون
ڪله منڊيون تنهنجي واري تي
مان توسان پاڙيندو رهندس
جي ٻول ڪيم ٻيٽاري تي
اڄ مون کي ٻيهر وڃڻو آ
طوفانن ۾ طغيانين ۾
هو ساحل ڏاڍو ڏور سهي
پر ان جا سڏ ٻڌان ٿو مان
هي ڪشتي جا تو جوڙي آ
اڄ ان تي دور وڃان ٿو مان-
چڱو ڀٽائي
آءُ هلان ٿو.

show more

Share/Embed